اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنگاپور جي ڪاروباري ادارن سان ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري رابطن جي فروغ لاءِ ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪ??شنر رابعه شفيق سان ڳالهائين??ي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سنگاپور جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سنگاپور ۾ پاڪستاني خوراڪ ۽ زرعي مصنوعات ج?? برآمدات جا موقعا ڳولڻ گهرجن. پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني افرادي قوت سنگاپور موڪلڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري رابعه شفيق کي بطور پاڪستاني هاءِ ڪ??شنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏ??ي ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.