اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سوشل مي??يا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل مي??يا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. مس زوئي ويئر مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ٺاهڻ ۽ عطاءُ الله تارڙ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، ميديا جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مس انفارميشن، ڊ?? انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل مي??يا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل مي??يا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سوشل مي??يا بابت پوري دنيا کي گڏجي ضابطه اخلاق تيار ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مس زوئي ويئر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.