راولپنڊي- 06 فيبروري (اي پ?? پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد پنهنجي سعودي عرب جي دؤري دوران سعودي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن ??لي??ان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سلامتي معاملن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد هن ??قت ٻين عالمي دفاعي نمائش لاءِ سعودي عرب جي دؤري تي آهي. هن ??مائش ۾ لڳايل مختلف پاڪستاني اسٽالز جو دؤرو ڪيو ۽ الفتح ٽو ميزائل اسٽال جو افتتاح به ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف، جنرل فياض بن حميد الرويلي ۽ چيف آف رائل سعودي لينڊ فروسز ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المطر سان به ڌ??ر ڌار ملاقاتون ڪيون.