واشنگٽن-02 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ ??اڪ??تان جي سفير مسعود خان ??اڪ??تاني ڄاون آمريڪي واپارين کي ٻُڌايو ته ??اڪ??تان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ڪيليفورنيا ۾ قائم ??اڪ??تان آمريڪن چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين وقار علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ ورچوئل ميٽنگ دوران چيو ته اسان جي اولين ترجيح پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ ??اڪ??تان ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ آهي. موجوده حڪومت مالياتي ادارن کي ملڪي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پُرڪشش مراعتون به ڏئي رهي آهي. هن چيو ته نئين قائم ڪيل ??صو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ ??اڪ??تان ۾ منافعي بخش ڪاروبار شروع ڪ??ڻ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن واپاري ??رگ??مين کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي ڪردار کي ساراهيندي پاڪ- آمريڪا واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۾ قائم ڪندڙ مختلف چيمبرز ۽ واپاري تنظيمن وچ ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو.