اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين سان ڀرپور رابطن جي ذريعي سي پيڪ جي پهرين مرحلي جا ثمر حاصل ڪري ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، بي آر آءِ جي پهرين مرحلي جا مقصد سي پيڪ جي صورت ۾ حاصل ڪري ورتا آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، چين سان حصيداري تي ٻڌل لاڳاپا قائم آهن، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي، معاشي ترقي جي لاءِ خطي جي ملڪن سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ڊيووس جي دوري دوران چين جي نشرياتي اداري ”سي جي ٽي اين“ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته صنعتي ميدان ۾ ترقي سان معاشي استحڪام ايندو. نگران ڪابينا جي معيشت جي بهتري جي لاءِ ترجيحن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اسان جي ايجنڊا تي اقتصادي بحالي سڀ کان پهرين آهي، ٽيڪنالاجي جي تبديلي بحث هيٺ آهي، ٻه وڏا عمل سڄي دنيا ۾ هر قسم جي اقتصادي سرگرمين کي متاثر ڪري رهيا آهن، خاص طور تي اسان جي خطي ۾ مختلف تڪرارن ۽ فليش پوائنٽس جي حوالي سان خيال جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آهي جڏهن ته سپلائي چين ۽ مجموعي اقتصادي سرگرمين کي متاثر ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿئ?? ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان دستياب موقعن مان بهترين فائدو کڻڻ جي حوالي سان ماحول کي ڏسندو آهي، اسان هن وقت درپيش چئلينجز ۽ انهن ??ئلينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ قدمن جي مرحلي ۾ آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته ملڪي سطح تي جڏهن حڪومت جو ماپو ايترو وڏو نه آهي ته اسان کي خرچ گهٽ ۽ آمدني وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، مختصر حڪومت سدائين ڪاروبار، وڌيڪ آمدني حاصل ڪرڻ، سٺي ٽيڪسيشن نظام ۽ بنيادي ڍانچي جي سڌارن جي لاءِ سٺي هوندي آهي ۽ اهو هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو معاشي بحالي جي ملڪي اقتصادي ايجنڊا مان سڀ کان اولين هجڻ گهرجي. هن ??يو ته جنهن انداز ۾ چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ بي آر آءِ منصوبو هلي رهيو آهي، پاڪستان ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ان تي ڌيان ڏنو آهي. هن ??يو ته چين سان صنعتن جي ڏکڻ اوڀر ايشيائي، ڏکڻ ايشيائي، ڏکڻ آ??ري??ا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ منتقل?? ٿي رهي آهي، پاڪستان کي ان جو ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ فعال اقتصادي ملڪ ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته مينوفيڪچرنگ جو شعبو پوري خطي جي لاءِ هڪ مرڪز بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان خطي ۾ صحيح پاليسيون آڻيون ٿا جنهن ۾ توانائي ۽ ان جي قيمت ۽ ان سان واڳيل ايڪو سسٽم شامل آهي، اسان کي ڇٽاڀيٽي واري انداز ۾ ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، انهن ??ي بجلي جا مقابلي وارا اگهه فراهم نه ٿا ڪري سگهون، اسان کي ان شعبي ۾ پنهنجي پاليسي کي معقول بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ريٽ جي سطح تي آڻڻ جي ضرورت آهي جتي صنعت وڌيڪ چٽاڀيٽي واري بڻجي وڃي. هن ??يو ته اسان کي سستي افرادي قوت ۽ صحيح مهارت دستياب آهي تنهن ??ري هڪ ڀيرو جڏهن اسان صحيح توانائي جي پاليسي متعارف ڪرائينداسين ته اسان ڪافي حد تائين ان پوزيشن ۾ هونداسين ته خطي ۾ مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻجي وڃون. هن ??يو ته توانائي جي صحيح پاليسي اها آهي ته توهان جيڪو في يونٽ بجلي ڏيو ٿا اهو ڀارت، بنگلاديس، سريلنڪا سان مسابقت ۾ هجي ۽ اهو گهٽ ۾ گهٽ 8 سينٽ کان گهٽ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اسان خصوصي اقتصادي زونز تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان اهي سموريون پاليسيون آڻي رهيا آهيون جتي سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ حڪومت پاران سهولت هجي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته ماحوليات جي حوالي سان پائيدار قدمن تحت ڪيترائي موقعا آهن، موسمياتي تبديلي ۽ ان جي عالمي ذميواري شفاف توانائي جي پيداوار جيڪا آبادي جي بهترين استعمال جي لاءِ هجي، اهو هڪ اهڙو شعبو هوندو جتي جدت رکندڙ نئين ٽيڪنالاجيز اينديون ۽ وڏي پئماني تي سيڙپڪار?? ٿيندي جنهن ۾ يقيني طور تي چين پنهنجي حصيدارن سان گڏجي اهڙي سيڙپڪاري کي عملي جامعو پارائڻ جي صلاح??ت رکي ٿو پر پاڪستان ان مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهي ٿو. هن ??يو ته جڏهن ??ين ترقي ڪري ٿو ته سڀني کي فائدو ٿئي ٿو. چيني ماڊل بابت سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هو اقتصادي مداخلت تي يقين رکي ٿو، سڀ جي فتح تي يقين رکي ٿو، گڏيل هم آهنگي ۽ تعاون تي يقين رکي ٿو، اهڙي رويي سان تخليقي صلاحيتون سامهون اچن ٿيون، نئين حل تي ٻڌل حڪمت عملي بڻج?? ٿي ۽ انساني سفر وڌيڪ اڳتي وڌي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته رابطي ۾ رهڻ ئي بنيادي اصول آهي، ماڻهو مختلف قسم جا جواب ٻڌڻ لاءِ تيار آهن، انهن جي تلاش ۽ تحقيق ڪري رهيا آهن، چيني موقف وڌيڪ قابل عمل، تعميري ۽ وڌيڪ شمول??ت رکندڙ هوندو. هن ??يو ته اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ ورڇ جي سلسلي ۾ هڪ مسئلو اهو آهي ته هڪ طرف ماڻهن ۽ قومن جي لاءِ ڪجهه اقتصادي فائدا آهن ۽ ٻئي طرف ماڻهن ۽ قومن جي لاءِ ڪجهه نقصان به آهن ته ان خال کي ڪيئن ڀري سگهجي ٿو؟ نيون ٽيڪنالاجيز يا ته سماجي نظام کي فعال بڻائي رهيون آهن يا ان ڀڃ ڊاهه جي حوصلا افزائي ڪري رهيُون آهي. هن ??يو ته ڊيجيٽل اسپيس ۽ اليڪٽرانڪ اسپيس کان شروع ٿي مصنوعي ذهانت طرف هڪ اهڙو سفر آهي جيڪو ايتري تيزي سان طئ?? ٿيو آهي جو ڏکڻ يا اتر جي ڪيترين ئي قيادتن جي لاءِ ان ۾ ٿيندڙ سمورين تبديلين جي سببن کي سمجهڻ تمام مشڪل آهي. هن ??يو ته ڇا اهي تبديليون وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون؟ ڇا اهي سڃاڻپ يا اميري ۽ غربت جي بنياد تي وڌيڪ تڪرارن کي جنم ڏينديون؟ ۽ ڇا اهڙي قسم جو احساس محرومي تڪرارن جو سبب بڻجي سگهي ٿو؟ اهي سمورا اهي چئلينجز آهن جن کي منهن ??يڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ گڏيل بقاءَ جي لاءِ وڌيڪ بحث ۽ کليل دل ۽ ذهن سان ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته بحث ۽ مباحثن تائين پهچ کي وڌائڻ گهرجي، وڌ کان وڌ ماڻهن ??ي ان ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، عوامي سطح تي اهڙو مباحثو ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي طرفن جا ماڻهو اخلاقي دائري ۾ رهندي پنهنجي چونڊ ڪري سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پهرين مرحلي ۾ صحيح بيانيو تخليق ڪرڻ جي ضرورت آهي، صحيح ۽ معياري معلومات فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن توهان ائين نه ٿا ڪريو، توهان ان بيانيي جي لاءِ مسخ ٿيل يا غلط معلومات تي دارومدار ڪريو ٿا ۽ حقيقت کان خالي بيانيو ٺاهيو ٿا ته اهڙي صورت ۾ ان بيان ڪيل هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوشش سدائين هڪ ناقابل حصول مقصد جي خاطر ٿي رهي هوندي ان لاءِ بهتر آهي ته اڳ ۾ مرحليوار ان جي مناسب طريقي سان منصوبابندي ڪئي وڃي، هڪ بيانيو آندو وڃي ته باعلم مباحثي ۽ معياري معلومات تي ٻڌل هجي، جڏهن ائين ٿي وڃي ته عملدرآمد جو حصو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته بي آر آءِ جي پهرين مرحلي جي مقصدن کي حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو سي پيڪ جو پهريون مرحلو آهي ۽ هاڻي اسان سڀ ان جي شروعاتي ثمرن مان فائدو کڻي رهيا آهيون، اسان هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ٻئي مرحلي ۾ اسان کي وڌيڪ غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي، واپار ۽ صنعتڪاري جي موقعن جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهي وڏا يونٽ جن جي اسان اميد ڪري رهيا آهيون ايندڙ ڏهاڪي جي هڪ وڏي ڪاميابي هوندا. هن ??يو ته ان کي عملي جامعو پارائڻ کان اڳ اسان کي چڱي طرح ڳالهه ٻولهه ۽ غور فڪر جي ضرورت آهي، اسان رابطن جا ڪيترائي ذريعا، رستا، فضائي رابطا ۽ ٻيا لنگهه ٺاهيا آهن، اسان ان پوري ماحول سان هڪ ٻئي سان واپار ڪري فائدو کڻي رهيا آهيون، ٻيون علائقائي طاقتون به هڪ ٻئي سان واپاري سرگرميون سرانجام ڏئي رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اسان چيني معيشت جي حوالي سان سدائين پراعتماد رهون ٿا، ان جو منطق اهو آهي ته ڏيڍ ارب صارفين ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ڪري باقي دنيا چين سان واڳيل آهي، اهي شين جي پيداوار ۽ دنيا کي برآمد ڪري رهيا آهن، ڏيڍ ارب جي آبادي جي ملڪ کي باقي دنيا جي آبادي سان ڳنڍجي رهڻو آهي، چين وٽ بهترين انساني وسيلا آهن، انهن جي معيشت هڪ خاص سطح تائين پهچي چڪي آهي، انهن وٽ صحيح مالياتي ذريعا ميسر آهن، هڪ تمام وڏي منڊيءَ جي ڪري دنيا چين ۾ دلچسپي رک?? ٿي ۽ چين جي به دنيا ۾ دلچسپي آهي، ان جي ڪري معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته سياسي سرگرميون پاڪستان سميت مختلف سياسي نظامن جي آئيني گهرج آهي، پاڪستان ۾ اسان عام چونڊن طرف وڌي رهيا آهيون، اسان عوام جي لاءِ پنهنجي پسند جي چونڊ جي ان مرحلي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا جيڪا پنهنجي چونڊ حڪومت ۽ قيادت جي چونڊ ان اميد سان ڪرڻ وڃي رهي آهي ته اقتصادي بحالي جو منصوبو انهن جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اقتصادي بحالي جو منصوبو پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ انهن جي اهم ترين ايجنڊا ۾ شامل هوندي.