اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستاني ٽيچر سسٽ?? زيف کي گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان کي پاڪستان جي لاءِ هڪ شان??ار لمحو قرار ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ هي هڪ شان??ار لمحو آهي جڏهن سسٽ?? زيف گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽيو آهي. هن چيو ته تعليم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي ڇو ته رڳو تعليم ئي اسان کي پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ اعزاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وٺي وڃي ٿي. هن ان قابل قدر ڪاميابي تي سسٽ?? زيف کي مبارڪباد ڏني. سسٽ?? زيف جڏهن 13 سالن جي هئي ته هن پٺتي پيل ٻارن جي لاءِ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ا??ڪول جو بنياد رکيو. هوءَ عورتن جي حقن ۽ ٻارن جي تعليم جي وڪيل ۽ حقيقي تبديلي آڻيندڙ عورت آهي. هن کي هي ايوارڊ يونيسڪو جي سهڪار سان ڏنو ويو. هن ايوارڊ جي لاءِ 130 ملڪن مان 7 هزار درخواستون مليون هيون جن مان هن هي ايوارڊ کٽيو.