اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چي?? آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين هميشه ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ??هي، ملڪ جي ترقيءَ ?? پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين وطن جي نمائندگي بنائڻ پ پ جو اصولي مؤقف آهي. اهڙو اظهار هن لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪونسلر افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ?? پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. راجا پرويز اشرف سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بهتر سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چي?? ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جي بهتر سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ جي اهم ذميداري لاڳو ٿئي ٿي. هن چي?? ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي مع??شت کي بهترين سهارو ڏئي رهيا آهن. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جي سماجي، اقتصادي شعبي سميت هر شعبي ۾ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسپيڪر چي?? ته پاڪستاني عوام هميشه مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو ??هي. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش چئلينجز کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر چي?? ته پاڪستان جي مثبت سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملڪي ميڊيا کي پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪندي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پ??ند??. لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪونسل افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ?? پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وفد قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنرز سان ويجهن رابطن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. وفد جي ميمبرن خاص طور تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پرڏيهه ۾ ثقافت جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اڳوڻي ميئر هونسلو سمعيه چوڌري، ڪونسلر رياض گل، ڪونسلر ودود مشتاق ۽ چوڌري منظور شامل هئا.