اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تعيلمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي ته تعليمي س??ر ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح سان نکارڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رهوڊز ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سينيٽ جي اڳوڻي چ??ئرمين وسيم سجاد ۽ رهوڊز ٽرسٽ برطانيا جي سي اي او اليزابيٿ ڪِس جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تعليمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني يونيورسٽين کي ناليوارين يونيورسٽين خاص طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽي سان لاڳاپا وڌ??ئڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستاني شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستاني شاگردن کي انهن جي تعليمي س??ر ۾ معاونت ۽ مشاورت ڪرڻ ساراهه جوڳي آهي. صد?? چيو ته تعليمي س??ر ۾ شاگردن کي مشاورت ڏيڻ سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح نکارڻ ۾ مدد ملندي. رهوڊز ٽرسٽ جي سي اي او صدر کي تعليمي شعبي ۽ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي فراهمي ۾ ٽرسٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي وچ ۾ رابطا وڌ??ئڻ جا خواهشمند آهيون، ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سياست، قانون، سائنس، فنون لطيفه ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڪيترائي پاڪستاني رهوڊز اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن. سينيٽ جي اڳوڻي چ??ئرمين ۽ اڳوڻي وقتي صدر وسيم سجاد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج بابر ستار ۽ شاهد جاويد برڪي سميت ناليواريون پاڪستاني شخصيتون رهوڊز اسڪالرشپ مان فائدو کڻي چڪيون آهن.