بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه پاڪستان پائيدار ۽ جامع ترقي جي ويزن ۽ سي??پڪ??ر دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي، خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل غيرملڪي سي??پڪ??رن جي سهولت لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي، چيني سي??پڪ??رن کي پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊيجيٽل معيشت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سي??پڪ??ري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي موقعي تي مختلف چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ من ميٽلز، ايم سي سي، چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني (سي سي سي سي)، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن (سي آر بي سي)، سي او ايف سي او، امر انٽرنيشنل گروپ، پاور چائنا، چائنا انرجي ۽ چائنا گيزوبا گروپ جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ سربراهه شامل هئا. نگران وزيراعظم چيني ڪاروباري شخصيتن کي معاشي ۽ مالياتي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم پائيدار ۽ جامع ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو اظهار ڪندي چيو ??ه پاڪستان سي??پڪ??ر دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي جنهن جي لاءِ خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جيڪا غيرملڪي سي??پڪ??ري ۾ سهولت جي لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي. نگران وزيراعظم چين جي ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز کي چيو ته اهي پاڪستان ۾ آءِ سي ٽي، زراعت، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊيجيٽل معيشت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سي??پڪ??ري جي وسيع موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي چين جي ڪاروباري شخصيتن غيرملڪي سي??پڪ??ري کي راغب ڪر جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيندي نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت آگاهه ڪيو. هنن پاڪستان جي ڪاروباري حصيدارن سان گڏجي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽوز کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ انهن کي چيو ته اهي لاڳاپيل وزيرن سان پنهنجي ڪاروباري معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪن.