اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ناليواري قانوندان ۽ اڳ??ڻي سينيٽر سيد محمد ظفر (ايس ايم ظفر) جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي دعا ڪئي ته الله ت??ال??ٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي ۽ س??دس خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.