اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پوليو ??ائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عالمن، استادن، والدين سميت سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم ۾ شامل ڪيو ??ڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ت?? پوليو جي ملڪ مان مڪمل خاتمي لاءِ معاشري جي هر طبقي کي ان قومي فرض ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملڪ جي ٻارن ??ي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ هر ڪنهن کي ان مقدس مشن جو حصو بڻجڻو پوندو. هن هدايت ڪئي ته عالمن، استادن، والدين ۽ سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم جو حصو بڻايو ??ڃي. نگران وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي جي مهم دوران پوليو ??رڪرز جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ت?? ملڪ ۾ پوليو جي ڪي??ز ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر ملڪ مان ان موذي مرض جي پاڙ کان خاتمي تائين اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش جاري رکنداسين، قوم جي لاءِ سڀ کان وڏو خوشي جو ڏينهن اهو هوندو جڏهن ملڪ جو هر ٻار ان خطرناڪ مرض کان مڪمل طور تي محفوظ هوندو، اها مڃيل حقيقت آهي ته سمورن ??المن بشمول امام ڪعبه پڻ پوليو کان بچاءُ جي ڦڙن کي بلڪل محفوظ ۽ ٻارن ??ي معذوري کان پاڪ مستقبل جي لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏنو آهي. نگران وزيراعظم ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پوليو ??ائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته جن ضلعن ۾ پوليو ??ائرس جي موجودگي جي اطلاع آهي اتي خصوصي پوليو جي خاتمي جي مهم هلائي وڃي. هن چيو ت?? پوليو ??ائرس جي خلاف جنگ اسان جي مستقبل جي بقاءَ جي جنگ آهي جنهن کي اسان کي هر قيمت تي کٽڻو پوندو. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي قومي پروگرام ۾ وڌي چڙهي شرڪت ڪرڻ ۽ اهم تعاون تي سمورن ??المي حصيدارن ??ا ٿورا مڃيا. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ت?? 2022ع ۾ ملڪ ۾ رپورٽ ٿيل 20 ڪي??ز جي مقابلي ۾ هلندڙ سال اڃا تائين رڳو ٻه ڪي??ز رپورٽ ٿيا آهن جنهن جو وڏو سبب قومي سطح تي پوليو جي خاتمي جي مهم جو تسلسل ۽ حڪومتي سطح تي ڪوششون آهن. نگران وزيراعظم صحت واري وزارت، نيشنل ٽاسڪ فورس، صوبائي حڪومت ۽ انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس کي صوبائي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽريز پوليو جي صوبن ۾ موجوده صورتحال ۽ حڪومتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ??يو ت?? سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پوليو کان بلڪل پاڪ آهي جڏهن ته هلندڙ سال خيبرپختونخواهه ۾ هيستائين رڳو بنون ۾ ٻه ڪي??ز جي نشاندهي ٿي آهي. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، نيشنل ٽاسڪ فورس جي اعليٰ عملدارن، چئني صوبن جي نگران وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ??رڪت ڪئي.