باڪو -10 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي سهڪار تنظيم اي سي او جي ميمبر ملڪن ج?? وزيرن جي ڪائونسل جو 27 هون اجلاس اڱاري کان آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع ٿي ويو. ان کان اڳ اقتصادي سهڪار تنظيم ج?? ميمبر ملڪن جي اعليٰ سطحي عهديدارن جو اجلاس منعقد ٿيو آذربائيجان جي نائب پرڏ??هي وزير اجلاس جي صدارت ڪئي. اقتصادي سهڪار تنظيم ج?? اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او ج?? وزيرن جي ڪائونسل جي 27ه??ن ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستان جو نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني آذربائيجان ۾ ٿيندڙ وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ آذربائيجان جي پرڏ??هي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سم??ت اقتصادي سهڪار تنظيم ج?? ميمبر ملڪن جا پرڏ??هي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستاني پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم)جي اجلاس جي موقعي تي ميمبر ملڪن ج?? وزيرن ۽ ٻ??ن اهم شخصيتن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان کان علاوه ترڪيه، ايران، افغانستان، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن.