نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل ?? اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير منعقد اجلاس ۾ فلس??ين تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪميٽي آف 6 جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪ??و ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ اهڙو عمل جوڳو، خودمختيار ۽ ڀر ۾ فلسطيني رياست جو قيام لازمي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجل??س جي موقعي تي ٿيو. فلس??ين تي 6 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پاڪستان، سينيگال، گني، فلسطين، ملائيشيا ۽ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ شامل آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني ان پاڪستاني وفد جو حصو آهي جنهن جي قيادت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪري رهيو آهي جيڪو يو اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.