اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد ج??ري رکندي، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ، سيڙپڪ??ري کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪ??ري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سميت اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ناڻي، توانائي ۽ ڪامرس وارن نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي ٻن ڏينهن و??ري اجلاس جو اڄ پهريون ڏينهن هو، ان اجلاس جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ٽن وڏن مقصدن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڄ ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪ??ري جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين مسئلن تي غور ٿيو. هن چيو ته حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪ??ري جي حوالي سان رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ به بهتري آندي ويندي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد ج??ري رکندي. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت ج??ڪي فيصلا ڪري وئي آهي، اسان جي قانوني راءِ اها ئي آهي ته اسان انهن تي عملدرآمد ڪنداسين. ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اجلاس ج??ري آهي، اڄ پهريون ڏينهن هو، ان جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو، ان ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سمورا تفصيل ميڊيا آڏو اچي ويندا.