اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته دهشتگردي جي خلاف اسان جي پختي عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم متحد آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چوڪس هٿياربند فوج جا ٿورائتا آهيون جنهن چترال ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو فوجي چوڪين تي دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ دهشتگردن کي وڏو جاني ن??صان پهتو آهي. افسوس آهي ته انهن حملن ۾ اسان جي 4 ??هادر جوانن شهادت ماڻي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي ۽ پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي.