اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي آسان، سستي ۽ فوري انصاف جي ??راهمي جي ??اءِ وفاقي محتسبن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ت??رارن جي ??تبادل حل سان عدالتي نظام تي ??ار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، محتسب جي ڪردار جي اهميت جي ڏس ۾ ان بابت ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته وفاقي انشورنس محتسب آسان ۽ فوري انصاف حاصل ڪرڻ جي ??اءِ عام ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪم ڪري رهيو آهي. ايوان صدر ۾ ”انشورنس محتسب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پنج محتسب بشمول وفاقي محتسب، وفاقي انشورنس محتسب، وفاقي بئنڪنگ محتسب، وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي آفيس جي ??اتحت ڪم ڪري رهيا آهن. ”انشورنس محتسب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ سيمينارز جي سير??ز جو هڪ حصو آهي جنهن ۾ انشورنس جي شعبي سان گڏوگڏ ڪاروباري برادري جي اعليٰ شخصيتن کي پڻ گهرايو ويو ته جيئن انشورنس جي ڪارو??ار ۾ بهتري ۽ شفافيت جي ??اءِ قيمتي راءِ ۽ ويزن پيش ڪن. صدر عارف علوي چيو ته انهن جي ذاتي ڪوششن جي ڪري ماڻهن ۾ محتسب جي ڪردار بابت آگاهي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي پر پوءِ به هن ان بابت وڌ کان وڌ ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن محتسب جي ڪردار ۽ ذميوارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته محتسب جي سٺي فيصلن کي قومي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي عام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لاعلمي ڪو بهانو نه آهي ان جي ??اءِ عوام کي متبادل ذريعن سان انصاف حاصل ڪرڻ جي ??ختلف طريقن بابت ڄاڻڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪم جي ??ڌيڪ ??ار ۽ نظام جي ??ين ڪمزورين جي ڪري عدالتن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فيصلا التوا هيٺ رهن ٿا، ان جي ??اءِ هن ماڻهن کي ان محتسب سان رجوع ڪرڻ جي اپيل ڪئي جيڪو آسان، وڌيڪ تيز ۽ سستي انصاف جي ??راهمي جو ذريعو آهي. هن چيو ته ت??رارن جو متبادل حل عدالتي نظام تي ??ار گهٽ ڪرڻ جو طريقو آهي. هن انشورنس ڪمپنين جي ??الڪن کي به اهو چيو ته اهي عوام جي ??اءِ بهتر پروڊڪٽس پيش ڪن ته جيئن ماڻهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي ۽ ماڻهن ۾ انشورنس ڪمپنين بابت شڪ کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته عام ماڻهن ۾ انشورنس بابت اعتماد کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر خالد جميل چيو ته ايف آئي او جي آفيس فوري انصاف جي ??راهمي جي تصور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان انشورنس محتسب جي ??هچ کي هيٺئين سطح تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان شڪايت ڪندڙن کي انهن جي ??سئلن کي خوش اسلوبي سان ۽ گڏيل حل جي ذريعي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي ??ڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته گذريل سال دوران وفاقي انشورنس محتسب شڪايت ڪندڙن جا مسئلا حل ڪيا ۽ 2.57 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو.