اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ستين آدمشماري جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آدمشماري موجب پاڪستان جي مجموعي آ??اد?? 24 ڪروڙ 14 لک 92 هزار آهي، ملڪي آ??اد?? جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ نتيجن جي متفقه منظوري ڏني وئي. چئني ئي وڏن وزيرن، سمورين سياسي پا??ٽي?? جي نمائندن آدمشماري جي نتيجن سان مڪمل اتفاق ڪيو، بلوچستان عوامي پارٽي جي ڊاڪٽر خالد مگسي، ايم ڪيو ايم جي سيد امين الحق، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مولانا اسعد محمود، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قمر زمان ڪائره به سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن کانسواءِ خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق جي مضبوطي لاءِ هڪ اهم آئيني ادارو آهي، پاڪستان ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري بهترين طور تي مڪمل ٿي آهي جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ پاڪستان جي شماريات کاتي ان قومي فرض ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزارت جي ٻين آفيسرن خاص ڪري شماريات کاتي ۽ گهر گهر وڃي ڳڻپ ڪندڙ اهلڪار ڊجيٽل آدمشماري جي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ کيرون لهڻن، اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان جي شماريات کاتي طرفان آدمشماري جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شماريات کاتي طرفان ٻڌايو ويو ته ستين آدمشماري مطابق پاڪستان جي مجموعي آ??اد?? 241.49 ملين آهي، ملڪي آ??اد?? جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي آدمشماري جي شرح باقي صوبن کان وڌيڪ 3.2 سيڪڙو رهي، گذريل 6 سالن ۾ آباد ۾ 3.5 ڪروڙ جو اضافو ٿيو جيڪو فڪر جو لمحو آهي. پاڪستان جي آ??اد?? جي واڌ جي تناسب سان پاڪستان جي معاشي ترقي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته آ??اد?? ۾ واڌ ڪيترن ئي قسمن جون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، هي پاڪستان ۾ آئنده ايندڙ چونڊيل حڪومت ۽ مستقبل لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، اسان کي نه رڳو آ??اد?? ۾ واڌ کي روڪڻو پوندو پر پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻڻو پوندو. اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان شماريات کاتي طرفان ستين ڊجيٽل آدمشماري جي طريقيڪار ۽ نتيجن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022ع ۾ آدمشماري لاءِ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جيڪا ناليوارن شماريات جي ماهرن تي ٻڌل آهي ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ان جو صدر آهي، سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام ۽ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرزن سميت صوبائي نمائندن جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري لاءِ نادرا نه رڳو سافٽ ويئر پر هڪ لک 26 هزار ٽيبليٽس، نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن (اين ٽي سي) ڊيٽا انفرا اسٽرڪچر، اسٽوريج اينڊ ڪمپيوٽنگ جي سهولت، جڏهن ته سپارڪو بلاڪس جي تازي ترين سيٽلائيٽ جون ڊجيٽل تصويرون مهيا ڪيون. ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن هڪ لک 21 هزار اهلڪار، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انگ اکر گڏ ڪندڙ اهلڪارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي. بريفنگ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارش تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آدمشماري جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پهرين ڏينهن کان شامل ڪيو ويو، ان ڪري ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آدمشماري دوران صوبائي انتظاميه، سول سوسائيٽي ۽ تعليمي ماهرن کي به ان جو حصو بڻايو ويو. آدمشماري جي سرگرمين ۾ صوبائي چيف سيڪريٽرين ضلعي انتظاميه کي ڊيش بورڊز ذريعي پل پل نگراني جي سهولت فراهم ڪئي وئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري 2023ع پهرين مارچ 2023ع کان 22 مئي 2023ع تائين جاري رهي، جڏهن ته ڊيٽا گڏ ڪرڻ کانپوءِ سروي 8 کان 9 جولاءِ 2023ع تائين جاري رهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2023ع ۾ مجموعي طور پاڪستان جي آ??اد?? 241.49 ملين ماڻهن تي ٻڌل رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي طرح خيبرپختونخوا جي آ??اد?? 40.85 ملين، پنجاب جي آ??اد?? 127.68 ملين، سنڌ جي آ??اد?? 55.69 ملين، بلوچستان جي آ??اد?? 14.89 ملين ۽ اسلام آباد جي آ??اد?? 2.36 ملين رڪارڊ ڪئي وئي. ان لحاظ کان پاڪستان جي آ??اد?? ۾ واڌ جي موجوده سالياني شرح 2.55 سيڪڙو آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 2.38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.57 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3.20 سيڪڙو رهي، اجلاس ۾ متفقه طور ستين ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ سمورين سياسي پا??ٽي?? جي اتفاق کانپوءِ آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آ??اد?? ۾ واڌ جي موجوده رفتار انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. اسان جا سمورا قومي ادارا ۽ صوبائي حڪومتون آباد ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن، ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آ??اد?? لاءِ ناڪافي آهن. جيڪڏهن آ??اد?? جي شرح موجوده رفتار سان جاري رهي ته اسان جي سمورين ڪوششن باوجود پاڪستان ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿيندي. ان لاءِ پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ اسان کي آ??اد?? ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ ۽ موجوده آ??اد?? جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.