اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي باجوڙ ڌماڪي ۾ ٿيندڙ قيمتي جانين جي نقصان تي خيبرپختونخواهه جي گورنر سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر باجوڙ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ ع??ام سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جو مذهب اهڙي ناپاڪ ڪاررواين، دهشتگرد حملن جي اجازت نه ڏيڻ، خيبرپختونخواهه جي ع??ام دهشتگردي جي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته سڄي ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو لازمي آهي، دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن، ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. صدر ??ماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو، زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.