اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ريمارڪس ڀارت پاران پنهنجي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دشمني جي عڪاس ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ?? چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحي?? جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو جهڙوڪ فيبروري 2019ع ۾ ڀار?? جي غلط مهم جوئي جي جواب ۾ ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويو هو. ترجمان چيو ته هي پهريون موقعو نه آهي جو ڀار?? جي سياسي اڳواڻن ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت اهڙي قسم جا انتهائي غيرذمي??ار??ڻا ۽ فريب تي ٻڌل بيان ڏنا آهن. ترجمان چيو ته قوم پرستي ۽ پاڪستان مخالف جذبن کي هوا ڏئي سياسي مقصدن جي لاءِ بيان بازي کي معمول بڻايو ويو آهي. پاڪستان کي ڀارتي سياسي معاملن ۾ گهيلڻ جو اهو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، اهي انتهائي غيرذمي??ار??ڻا بيان علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پڻ خطرو آهن ۽ انهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ ماحول کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀار?? جي اشتعال انگيزين ۽ غيرذمي??ار??ڻي رويي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار رهندي پاڪستان ذميواري سان ڪم ڪندو رهندو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سمورين ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تي ڀار?? جي دعويٰ تخيل تي ٻڌل آهي، نه تاريخ ۽ عالمي قانون، نه ئي اخلاقيات ۽ زميني حالتون ڀار?? جي ان فريب جي تصديق ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري ان کي پنهنجو ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد طرف ڏيڻ گهرجي جنهن ?? چيو ويو آهي ته علائقي جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ٿيڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.