راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته معروضي ترب??ت اسان جي پيشوراڻي مهارت جو حصو آهي، اسان کي قومي س??امتي کي درپيش ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏين لاءِ هميشه تيار رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جي صدارت هيٺ 258هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي دفاع ۾ بهادر سپاهي جي مسلسل قربانين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي اندروني س??امتي جي موجوده صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي پهلوئن تي به غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا پاڙيسري ملڪ ۾ ٺڪاڻا آهن. ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گر??پ پاڪستان ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فورم کي معاشي بحالي جي منصوبي، سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل جي دائره ڪار بابت آگاهه ڪيو ويو. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، دفاعي پيدا??ار?? شعبن ۾ ترقي لاءِ فوج جي ڪاوشن تي بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ حڪمت عمليءَ کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.