اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نائنٿ ??يو??يو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي منصوبي باب?? بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ آساني ٿيندي ۽ شاهين چوڪ هڪ سگنل فري چوڪ بڻجندو، منصوبي تي 2 ارب لاڳ?? ايندي. شروعاتي طور تي ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 8 ??هينا مقرر ڪيو ويو هو پر وزيراعظم جي هدا??ت تي ان کي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. شاهين چوڪ فلائي اوور، اليونٿ ??يو??يو، مارگلا ??يو??يو، نائنٿ ??يو??يو ۽ سري نگر هاءِ کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو.