پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي وطن جي ترقي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خ??اف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ پنهنجي ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، پاڪستان جي معاشي خ??دمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان بزنس فورم جا نمائندا پڻ موج??د هئا. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني وطن جا سفير ۽ قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي وطن جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، گذريل چار سال ۾ معيشت تباهه، بيروزگاري ۽ مهانگائي آسمان تي پهچائي وئي، پاڪستان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائپ جو شڪار هو، هڪ سال جي مسلسل محنت سان پرڏيهي لاڳاپا بحال ڪيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ اڪنامڪ ريوائيول پلان سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ٺاهي ڇڏي ??هي، پاڪستان جي معاشي خ??دمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني 9 مئي جي واقعن جي پرزور مذمت ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خ??اف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موج??د هئا. فرانس ۾ رهندڙ پاڪستانين وزيراعظم کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.