اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، ترقياتي منصوبن ۾معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ??زي??اعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو ??زي?? راڻا ثناءُ الله، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي، ڊي جي ايف ڊبليو او، ڊي جي اين ايل سي، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??زي??اعظم چيو ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين تعميراتي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري مع??ار کي يقيني بڻائي، ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ??زي??اعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ ڪرڻ وقت عالمي مع??ار کي نظر ۾ رکيو وڃي. اجلاس کي سي ڊي اي جي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.