اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن ??هي?? آمريڪي ملٽري ايڊ روڪرائڻ پاڪستان دشمن ايجندا ?? 9 مئي سانحي جي ڪڙيءَ ??هي?? پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڪو غدار، سازشي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، فريب، دوکي ۽ پروپئگنڊه سان هر وقت هر ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن ??هي?? اربين رپين جي فارن فنڊنگ انهي مشن جي لاءِ ورتي وئي، انهي فارن فنڊنگ سان ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ميڊيا مهم هلا??ي وئي. هن چيو ته فارن فنڊنگ سان سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو جنهن جي ذريعي پاڪستان جي آئي??ي ۽ دفاعي ادارن ۽ انهن جي قيادت جي خلاف مهم هلائي پ??ي وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ پروپئگنڊه ڪئي پ??ي وڃي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق سڃاڻي چڪي ??هي?? سائفر ?? 9 مئي هڪ ئي سازش جا ٻه مرحلا آهن، سائفر جي نالي تي آمريڪا جي خلاف پروپئگنڊه ?? 9 مئي کانپوءِ آمريڪا کان مدد وٺڻ، عوام ڄاڻي ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جون سخت شرطون ۽ پوءِ پي ٽي آءِ پاران خلاف ورزي انهي ايجنڊا جو حصو هو ته جيئن پاڪستان کي اهم قومي مفادن تي جهُڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي. هن چيو ته هڪ ڪٺ پتلي کي منظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ اقتدار تي مڙهيو ويو جنهن سي پيڪ روڪيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، دهشتگردن کي پناهه ڏ??ي ۽ هاڻي ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي مشن تي آهي. هن چيو ته انهي ايجنڊا تحت پاڪستان جي ويجهي، بااعتماد ۽ سدائين ڪم ڪندڙ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو، ٻاهرئين ميڊيا ۾ جاري نام نهاد انساني حقن جي مهم پڻ اصل ۾ انهي ڪڌي ايجنڊا جو تسلسل آهي ته جيئن پاڪستان جي عالمي امداد روڪرائي ۽ فوج جي اداري کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.