اسلام آباد – 25 ?? مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ا??جن??ا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت پاران ڪشمير تي ڪوڙي پروپئگنڊه ۽ والاريل واديءَ ۾ تازي جي – 20 اجلاس گهرائي دنيا کي ??لط تاثر ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سڄي دن??ا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير جي ??زا?? ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي امنگن جي ترجماني سان ڀرپور خطاب کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ا??جن??ا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.