اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کان چار جوابي سوال پڇندي چيو آهي ته ادارن تي ڪڌا حملا ۽ غلط بيانيون تو??ان جي سياست جو تعارف آهي، اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ وزيرآباد حملي کان اڳ ئي فوج ۽ انٽيلي جنس ادارن تي مسلسل گند اڇلائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، الزام هڻڻ کانسواءِ تو??ان ڪهڙو قانوني رستو اختيار ڪيو، هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هٿياربند فوج جي خلاف غليظ مهم ڪنهن جي چوڻ تي هلائي، اهڙا ڪڌا هدف ۽ ارادا رکندڙن جي موجودگي ۾ ڇا اسان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت آهي، سياسي مقصدن جي لاءِ مذهب جو استعمال ڪنهن ڪيو، عمران خان چاهي ٿو ته قانوني ۽ سياسي نظام کي درهم برهم ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته مون کي ڪو شڪ نه آهي ته ڪوڙ، غلط بيانيون، يوٽرنز ۽ ادارن تي ڪڌا حملا تو??ان جي سياست جو تعارف آهي، تو??ان جو رويو عدليه کي پنهنجي خواهشن جي حق ۾ جُهڪائڻ ۽ قانون مون تي لاڳو نٿو ٿئي جهڙو آهي، گذريل ڪجهه سالن جي ٺوس حقيقتن سان جيڪو ڪجهه ثابت ٿيو آهي، انهي جي بنياد تي تو??ان بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۾، مون لکيو هو. هن چ??و ته آئون تو??ان کان اهو جوابي سوال پڇان ٿو ته اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ بار بار پاڪستان آرمي کي بطور اداري بدنام ڪرڻ تو??ان جي سياست جو طريقيڪار رهيو آهي، وزيرآباد واقعي کان به اڳ کان ڇا تو??ان آرمي، انٽيلي جنس ادارن ۽ انهن جي قيادت تي مسلسل گند اڇلائڻ جو سلسلو جاري نه رکيو؟ ٻيو سوال اهو آهي ته روزانو ڌمڪائڻ، بي بنياد الزام هڻڻ کانسواءِ تو??ان ڪهڙو قانوني طريقو اختيار ڪيو؟ تو??ان وفاقي حڪومت پاران ڪيل تعاون جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي ۽ قانوني ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، تو??ان کي ڪڏهن به سچائي ڄاڻڻ ۾ ڪا دلچسپي ئي نه هئي پر مذمت جوڳي واقعي کي تو??ان پنهنجي گندي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو. شهباز شريف ٽيون سوال اٿاريندي پڇ??و ته هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ شهيدن ۽ هٿياربند فوج جي خلاف سوشل ميڊيا تي غليظ مهم ڪنهن جي چوڻ تي هلائي؟ ڪهڙي پارٽي جي ٽرول برگيڊ شهيدن جو مذاق اڏايو جيڪو اسان جي سياست ۾ ناقابل تصور ۽ ڪلچر ۾ هڪ نئين گهٽ ظرفي جو مظهر هو، ڇا تو??ان جهڙن اهڙا ڪڌا هدف ۽ ارادا رکندڙن جي موجودگي ۾ اسان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت آهي؟ وزيراعظم چوٿون سوال ڪ??و ته سياسي مقصدن جي لاءِ مذهب کي ڪنهن استعمال ڪيو؟ پنهنجي سياسي سرگرمي?? ۾ ??ذهبي سڌارن کي ڪنهن متعارف ڪرايو؟ اهڙي طرح تو??ان انتهائي چالاڪي ۽ ذاتي سياسي مقصدن جي خاطر پنهنجي حامين جي ذريعي سياسي مخالفن کي تشدد جي خطر?? ۾ ??ڌو؟ ڇا تو??ان جي پارٽي اڳواڻن مسجد نبوي ﷺ جي تقدس ۽ احترام کي پٺتي وجهندي عورت وزير سميت سرڪاري وفد جي ماڻهن کي هراسان ڪرڻ ۽ بدسلوڪي جو نشانو بڻائڻ جي افسوسناڪ حرڪت جا دليل ۽ جواز نه ٺاهيا هئا؟ وزيراعظم چ??و ته اها ڳالهه پڌري پٽ رهڻ گهرجي ته اڳوڻي وزيراعظم طور ڪرپشن تي جاري ٽرائل کي منهن ڏيندي تو??ان چاهيو ٿا ته قانوني ۽ سياسي نظام کي درهم برهم ڪيو وڃي، تو??ان جي نظر ۾ پاڪستان جهنگ بڻجي چڪو آهي ته منهنجو تو??ان کي مشورو هوندو ته اتي ن?? وڃو ڇو ته حقيقتون اڪثر تلخ ۽ تباهي آڻيندڙ هونديون آهن، انهن کي ڪنهن ٻئي ڏينهن جي لاءِ رکي ٿا ڇڏيون.