ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عدليه جي بحالي ۾ وڪيل برادري اهم ڪردار ادا ڪ??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني جي حوالي ??ان منعقد سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت ??ان خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ا??ان کي ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ جي لاءِ گهربل قربانين کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته قانون جي حڪمراني جي لاءِ مشاورت ضروري آهي پر مشاورت جي عمل ۾ غيراهم عمل رڪاوٽ آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تشدد ۽ ٽڪراءُ کان پاسو ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وڪيلن کي جمهوري عمل جي تسلسل ۽ قانون جي حڪمراني کي ان جي روح ??ان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان جمهوري عمل ??ان ق??ئم ٿيو ۽ ان جي ترقي جمهوريت جي تسلسل ??ان ئي ممڪن آه??. ا?? موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شاهد زبيري، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر نعيم قريشي ۽ ايڊووڪيٽ رياض آفندي پڻ خطاب ڪيو.