اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ ??لگ?? بلتستان بابت صلاحڪا?? قمر زمان ڪائره چيو اهي ته 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڪشمير ۽ ??لگ?? بلتستان وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ ??اڪ??تاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندا. قمر زمان ڪائره چيو ته ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 5 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ صبح ڏهين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. هن چيو ته شاهراه دستور اسلام آباد تي ڪشميري عوام سان ايڪي لاءِ ريلي پڻ ڪڍي ويندي. قمر زمان ڪائره چيو ته ان مقويع تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مظفر آباد ويندو ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو، ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم طرفان يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان خاص پيغام پڻ نش?? ڪيا ويندا. هن چيو ته 5 فيبروري جي مناسبت سان پرڏيهه ۾ ??اڪ??تاني مشنز خصوصي ريليون، سيمينار ۽ تصويري نمائشن جو اهتمام ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پي اين سي اي ۽ لوڪ ورثه ۾ ٽي ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن جن ۾ ڪشميري ثقافت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانعلاوه سوشل ميڊيا تي پڻ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. ان ڏينهن جي مناسبت سان دستاويزي فلمن ۽ تصويرن جي پڻ ڀرپور نموني تشهير ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري وزارت پي ٽي وي، اي جي ڪي ٽي وي ورلڊ ۽ ريڊيو ذريعي مختلف پروگرام نش?? ڪيا ويندا. هن چيو ته نجي ميڊيا چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو تان پڻ ان ڏس ۾ ڀرپور ڪوريج ڪئي ويندي. قمر زمان ڪائره چيو ته سول ايوي ايشن، ??اڪ??تان ريلوي، ميٽرو بس ۽ اين ايڇ اي هوائي اڏن، ريلوي اسٽيشنز، ميٽرو بس اسٽيشنز ۽ ٽول پلازن تي پڻ بينر هنيا ويا آهن. سي ڊي اي پڻ اسلام آباد جي س??ورين اهم شاهراهن تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان بينر لڳايا آهن. قمر زمان ڪائره چيو ته ان موقعي تي س??ليولر موبائل ڪمپنيون خصوصي پيغام نش?? ڪنديون.