اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس ايندڙ سومر تي جنيوا ۾ ٿيندي. پاڪستان ڪانفرنس ۾ موسمياتي لحاظ کان ملڪ جي مضبوطي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ پيش ڪندو. پرڏيهي ??فيس جي هڪ سينيئر عهديدار اسلام آباد ۾ ميڊي?? جي نمائندن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل قومون گڏيل طور تي ان عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي عالمي برادري ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي. عهديدار چيو ته پاڪستان دني?? جي سمورن اهم گادي وا??ن شهرن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن پاران ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت متوقع آهي. هن چيو ته ان عالمي ڪانفرنس کي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي جي ڏس ۾ پڻ ڏسڻ گهرجي.