اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون اد رکيون وينديون، شهيدن جي قربانين جي ڪري اسان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 23 ڊسمبر تي آئي ٽين، اسلام آباد ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل سيد عديل حسنين جي گهرڀاتين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي گهرڀاتين کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن 25 ڊسمبر ت?? ڪوهلو، بلوچستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان پڻ ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪي??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪي??ٽن محمد فهد خان ۽ سپاهي اصغرالدين جي پونئيرن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي محمد شمعون ۽ لانس نائيڪ محمد امتياز جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪي??. صدر شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج تحسين پيش ڪي??. صدر شهيدن جي خاندانن جي وطن جي لاءِ قرباني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. صدر سمورن شهيدن کي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ جان جي قرباني پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪي??. صدر چيو ته شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون ياد رکيون وينديون، پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي قربانين جي ڪري اسان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. صدر پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪي?? ۽ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.