استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ دستياب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار، شمسي توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تر?? سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته تر??يه سان ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هتي پاڪستان تر??يه ب??نس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ واپار، دفاعي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته استنبول ۾ پاڪستان تر??يه ب??نس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان ??وج??د آهن، ماضي ۾ تر??يه جي ڪجهه ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، تر??يه جي سيڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، تر??يه جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم گذريل ڏينهن ۾ تر??يه ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته تر??يه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي کي هارائڻ جي لاءِ معاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪريل ماڻهو آهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي افسوسناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته ان سان هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا. هن ??اڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ تر??يه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا بي پناهه امڪان آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ تر??يه سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، تر??يه سان ٽن سالن ۾ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان ??وج??د آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان تر??يءَ سان واپار ۾ اضافي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ تر??يه ڪمپنين جي لاءِ ڪجهه مشڪلاتون رهيون آهن، تر?? سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته مختلف شعبن خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار ۽ شمسي توانائي ۾ تر?? سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، ان ڏس ۾ پاڪستان جي حڪومت ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته تر??يه ۾ دهشتگردي جي تازي ڪارروائي مذمت جوڳي آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي انتهائي ڏک آهي. ان موقعي تي واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٻيا عملدار پڻ ??وج??د هئا.