اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ڪوئيٽا سبي ٽر??نس??يشن لائين بحال ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا کي 300 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن به بحال ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ علائقي جي 132 ڪي وي جي 19 گرڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. قومي شاهراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي جنهن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ ??ٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ ??ٽيل علائقن ۾ بحالي جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.