اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه ج?? لاڏاڻي تي برطانوي وزيراعظم الزبيٿ ٽرس کي تعزيتي خط لکيو آهي جنهن ۾ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ج?? لاڏاڻي تي برطانوي هم منصب ۽ ان جي وسيلي شاهي خاندان سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خط ۾ چ??و ته بحيثيت ملڪه برطانيا تي ڊگهي ترين مدي تائين حڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ان ??مو??ي عرصي ۾ برطانيا ۽ سڄي دنيا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪه ايلزبيٿ ٻه ج?? دولت مشترڪه ج?? ??اء?? خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ۾ اها تنظيم دنيا جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنظيم بڻجي وئي. وزيراعظم چ??و ته ڊگهي عرصي تائين عوامي مفادن جي تحفظ جي ??اء?? خدمتن جي باوجود ملڪه ايلزبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي ??اء?? اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، برطانيا ۽ دولت مشترڪه ج?? سربراهه طور پاڪستاني عوام جي ملڪه ايلزبيٿ جي ??اء?? سدائين احترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وزيراعظم چ??و ته ڏهاڪن تي ٻڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ ملڪه ايلزبيٿ جي وچ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چ??و ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون ??مو??يون همدرديون برطانوي شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.