اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي غير معمولي برساتن ۽ـ ٻوڏ جي تب??هي درپيش آهي، ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين، عوام کي رليف ۽ بحاليءَ لاءِ قدم کنيا ويندا، گڏيل قومن جي هنگامي اپيل کان پوءِ عالمي برادري مدد ڪندي، نقصانن جو سروي ٿي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ دوست ملڪ اسان جي مدد ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي بارشون ??احولياتي تب??يليءَ جو نتيجو آهن، ان سال ??هار جي موسم ناهي آئي، سياري کان گرمين ۾ داخل ٿي و??اسين. هن چيو ته جن علائقن ۾ برساتون ??ه ٿينديون ??يون اتي 500 ڀيرا وڌيڪ برسات ٿي، جنهن سان انهن علائقن ۾ نقصان ٿيو ۽ تمام وڏي تب??هي ڏسڻي پئي، ان قدرتي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سڀني صوبن جي مدد ڪري رهي آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪ به ايتري وڏي تب??هيءَ کي مُنهن نٿا ڏئي سگهن، زرعي فصل به تب??هه ٿي و??ا آهن، اڄ پرائيس مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪيو آهي، ملڪ ۾ هفتيوار قيمتن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته انتظاميه کي چيو ويو آهي ته ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. افغانستان ۽ ايران مان بصر ۽ ٽماٽو آمدني واپار ٿي رهيو آهي، کاڄرو تيل جي قيمت گهٽ ڪنداسين، عالمي مارڪيٽ ۾ گيهه ۽ـ تيل جي قيمت گهٽ ٿي آهي، مل مالڪ فوري طور تي قيمتون گهٽ ڪن. هن چيو ته خوراڪ جون ضروري شيون آمدني واپار ڪنداسين. سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جو مال ۽ خوراڪ جا ذخيرا تب??هه ٿي و??ا، سڄي بجيٽ تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون. ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين.