اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، توهين آميز جملن جي معاملي تي ڀارتي سفارتڪار کي گه??ائي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڀارت ڪنهن ٻي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي ئي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ڀارت کي ڪشمير ۾ ظلم بند ڪري اتي فو??ي گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي راءِ شماري ڪرائڻ گه??ج??. ه?? پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏئي رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته ڀارتي بي جي پي جي ٻن عملدارن پاران توهين آميز جملن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود مختلف سفارتڪارن کي ڀارت ۾ توهين آميز جملن، هندو توا جي فروغ ۽ اقليتن تي ڀارتي ظلم کان آگاهه ڪيو، جيڪڏهن ڀارت ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته هو فو??ي طور تي ان بي جي پي عملدارن جي بيانن جي مذمت ڪري، ڀارت انهن عملدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي فروغ ڏئي رهيو آهي، پاڪستان 600 کان وڌيڪ سک ياترين کي مقدس ماڳن جي ياترا لاءِ ويزا جاري ڪئي، هن ٻڌايو ته جرمن پرڏيهي وزير انا لينائبير بوڪ پاڪستان جو دورو ڪيو، بدقسمتي سان ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري جرمن پرڏيهي وزير کي دورو مختصر ڪرڻو پيو، هن ٻڌايو ته ايراني سفير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم بلوچستان ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ ايران جي مدد تي ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۽ آذر??ائ??جان جي سفارتخاني پاران گڏيل تقريب جو انعقاد ڪيو ويو.