اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برق??ار رکي آهي. نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهي?? الله ڳجهي سرڪاري معلومات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوهاري کي فراهم ڪئي هئي، معلومات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفتاري کان بچي ف??ار ٿي ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪرپٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن ج?? خلاف ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب عدالت جي مدد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪرپٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنوا??ي جي خاتمي جي اداري ۾ ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب سکر ۾ نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهي?? الله کي سروس مان ڪڍڻ جي سزا ڏني هئي، فهي?? الله گرفتاري جي وارنٽ بابت معلومات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رفيق احمد راڄپر کي ڏ??ي جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهي?? الله اها معلومات پنهنجي دوست نيب جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر يعقوب راڄپر کي ڏني، يعقوب راڄپر معلومات رفيق راڄپر کي ڏ??ي جنهن جي ڪري هُو موقعي تان ف??ار ٿي ويو ۽ گرفتاري کان بچي ويو. انڪوائري کانپوءِ فهي?? الله ج?? خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا ج?? خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي هئي. صدر فهي?? الله جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا کي برق??ار رکيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فيصلو رد ڪرڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي معلومات فهي?? الله کان ٿيندي رفيق راڄپر تائين پهتي جنهن جي ڪري جوابدار ف??ار ٿيو، فهي?? الله، يعقوب راڄپر ۽ رفيق راڄپر جي وچ ۾ رابطو به ثابت ٿي ويو. هن چيو ته فهي?? الله ۽ يعقوب راڄپر جي ٽيليفون جي فرانزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فهي?? الله جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي، نيب سکر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.