اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي وزي??اع??م لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ دوستي جي ماحول ۾ ٿي جيڪا پاڪ چين لاڳاپن جي سڃاڻپ آهي. وزي??اع??م چين جي حڪومت ۽ عوام سان 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ٽي چيني اسڪالرز پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا هئا. وزي??اع??م متاثرين جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزياعظم دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان ڏوهاري فعل ڪندڙ ماڻهن کي پڪڙڻ ۽ انهن کي اسان جي قانونن موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ مڪمل جاچ جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. وزي??اع??م ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان اقتصادي منصوبن ۽ ادارن تي پاڪستان ?? ڪندڙ سمورن چيني شهرين جي تحفظ ۽ سلامتي کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. وزي??اع??م چين جي وزي??اع??م کي خاطري ڪرائي ته سندس حڪومت پاڪستان ?? چيني شهرين جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي وزي??اع??م ٻطرفن معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ?? چين پنهنجي آزمايل ۽ هر قسم جي حالتن ۾ جاري رهندڙ اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندا. وزي??اع??م پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي ترقي جي لاءِ چين جي ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ بنيادي مفاد جي سمورن معاملن تي چين جي حڪومت جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. وزي??اع??م پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت جاري ۽ نئين منصوبن کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم جي توثيق ڪئي جن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو. وزي??اع??م خصوصي اقتصادي زونز (ايس اي ڊيز) کي جلد کان جلد مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ?? چين جي حصيداري جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م انهن چيني عملدارن جي تجربي مان سکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جن پنهنجي صوبن ۾ ايس اي ڊيز قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزي??اع??م ايم ايل ون منصوبي سميت ٻنهي ملڪن جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ منصوبن لاءِ چين سان گڏجي نئين جوش ۽ ولولي سان ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف عوام سان عوام جي رابطن تي زور ڏيندي چيني وزي??اع??م کي پاڪستاني شاگردن جي خاندانن جي جذبن کان پڻ آگاهه ڪيو جيڪي پنهنجي تعليم ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ چين واپس وڃڻ جا خواهشمند هئا. وزي??اع??م لي خاطري ڪرائي ته چين اقتصادي تعاون وڌائڻ، واپار کي سگهه ڏيڻ ۽ چين مان پاڪستان ?? وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ ت??ار آهي. وزي??اع??م شهباز شريف ۽ وزي??اع??م لي ڪي ڪيانگ ان خيال جو اظهار ڪيو ته چين هر طرح جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي اهم مفادن سان گڏوگڏ تغير پذير علائقائي ۽ عالمي ماحول جي ڏس ۾ امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفادن لاءِ جاري رهڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.