اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيئر صح??في خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو هڪ محنتي ۽ پنهنجي پيشي سان عشق ڪندڙ صح??في هو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته خالد حميدفاروقي جو لاڏاڻو صح??فت جي شعبي ??و وڏو نقصان آهي، سندس صح??فتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونيئرن ??ي صبر جميل عطا فرمائي.