اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پ??ڪس??ان رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ جمعته ا??وداع جي موقعي تي مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ??يت??ائي بي گناهه فلسطيني نمازي زخمي ٿيا، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ بيان ۾ چيو ويو ته گذريل ٻن هفتن جي دو??ان مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي حملن ۾ تقريبن 300 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن جيڪي قابل مذمت آهي، ترجمان چيو ته فسلطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فوج پا??ان طاقت جو انڌا ڌنڌ استعمال سموري انساني اص??لن ۽ انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي آهي، فلسطينين تي اهڙا حملا اسلامي مقدس ماڳن کي پائمال ڪن ٿا، هن چيو ته پ??ڪس??ان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اسرائيلي خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي جيڪي خطي ۾ تشدد، ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيا آهن ۽ پوري مسلمان دنيا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهن، ترجمان چيو ته اسان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪي سدائين پ??ڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ مقرر اص??ل رهيو آهي، ترجمان پ??ڪس??ان جو اهو مطالبو ورجايو ته اسان 1967 کان پهرين جي سرحدن سان هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسطيني رياست لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو، اهو مسئلو فلسطين جو واحد، جامع ۽ پائيدار حل آهي جنهن جو اظهار گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ??يت??ن ئي قراردادن ۾ به ڪيو ويو آهي.