اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ته مديني جي رياست جي اصولن تي هلي اسان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا، پاڪستان ۾ ايترا موقعا ۽ صلاحيتون آهن ته هو ڪنهن به وقت مٿي وڃي سگهي ٿو، ملڪ ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جو ٻاهران جيڪو فيصلو ٿيو آهي قوم پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي پهرو نه ڏنو ته ٻاهران ڪو به اچي ڪري حڪومتون بدلائي سگهي ٿو، نبي ﷺ جو رستو عظمت جو رستو آهي، ان رستي تي سڪون ۽ راحت آهي، پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ منهنجي سياست ۾ اچڻ جو بنيادي مقصد هو، ”جدوجهد مسلسل“ جي عنوان سان سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجو سياست ۾ ڊگهو سفر آهي، جيستائين پاڪستان جي ق??ام جي مقصد تي واپس نه اينداسين، اسان ??ڪ قوم نٿا بڻجي سگهون، اقبال اسلامي رياست جو تصور ڏنو جنهن جو بنياد مديني جي رياست جي اصولن تي ه??، جڏهن بدقسمتي سان اسان ان کان ??ري هليا وياسين، اسان انهن اصولن تي هلڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، ڪڏهن لسانيت، ڪڏهن صوبائيت جو شڪار ٿياسين، اوڀر پاڪستان ۾ پاڪستان جي حق ۾ 99 سيڪڙو ووٽ پيا پر جڏهن اسان ??ظريه کان ??ٽي وياسين ته پوءِ پنهنجي پنهنجي سوچ پروان چڙهي، انصاف کان ??ري ٿيڻ، فلاحي رياست نه ٺهڻ سان ??سئلن جنم ورتو، هن چيو ته مديني جي رياست اسان سڀني لاءِ رول ماڊل هئي، خوددار قوم ڪنهن جي آڏو ناهي جهڪندي، جڏهن رياست ڪمزور ٿيندي آهي ته سڀ کان ??ڌيڪ غريب طبقو متاثر ٿيندو آهي،
هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته علامه اقبال جو خواب هو ته نظريي جي بيناد تي ملڪ ٺهيا، مون کي پنهنجي زندگي ۾ هر طرح جو عروج حاصل ٿيو، اسان کي سٺين اسڪولن ۾ پڙهايو ويو، پر مذهبي تعليم اهڙي طرح نه ڏني وئي، پاڪستان جي وجود جو مقصد جي خبر نه هئي. سيرت النبي ﷺ نه پڙهائي وئي، پوءِ مون نبي ﷺ جي سيرت جو مطالعو ڪيو، مون اولهه جو مطالعو ڪيو، مون زندگي جي تجربي سان ان حقيقت جو ڄاتو ته نماز ۾ اسان جيڪو الله کان سڌي رستي تي هلڻ جي دعا گهرندا هئاسين اسان کي اهو رستو بورنگ لڳندو هو، اهو رستو اسان جي بهتري جو هو، بيو رستو ڪشش وارو هو، پر اهو عارضي خ??شي جو حامل هو، اصل خوشي سڌي رستي ۾ آهي، اهو رستو مشڪل آهي، نبي ﷺ جي زندگي جو رستو عظمت جو رستو آهي. نماز ۾ اسان انهن ماڻهن جي رستي تي هلڻ جي دعا ڪندا آهيون جنهن تي الله جا انعام آهن اهو رستو نبي ﷺ جو رستو آهي، هن چيو ته تعليمي نظام کي بهتر ۽ هڪجهڙو بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان جي نوجوان ??سل بالي ووڊ اسٽار، پاپ ميوزڪ کان ??تاثر ٿيندي آهي، ان ۾ گليمر هوندو آهي پر اهو اندر مان اهڙو نه آهي، سڌي رستي ۾ سڪون ۽ راحت آهي، وزيراعظم چيو ته آئون روزاني رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي ڏينهن جو جائزو وٺندو آهيان، ان ??ان سڌي رستي جي سمجهه اچڻ شروع ٿئي آهي، جنهن مقصد لاءِ پاڪستان ??هيو ان کي حاصل ڪرڻ کانسواءِ مقصد حاصل نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته الله تعاليٰ انسانن کي سڌي رستي تي هلڻ جو حڪم ڏنو، سڌي رستي ۾ ئي انسان جي عظمت آهي، هن چيو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي ايمان ??ه ڏي هئا ته آئون سياست ۾ نه اچان ??ا، ايمان زندگيون بدلائي ڇڏيندو آهي، مون جڏهن ڪرڪيٽ ڇڏي ته ڪنهن شيءَ جي کوٽ نه هئي، آئون ميچ جا تجزيا ڪريان ??ا ته ان ??ان حاصل ٿيندڙ سرمايو منهنجي لاءِ ڪافي هو، تباهي جي رستي ۾ انسان ??نهنجي لاءِ جيئندو آهي، ايمان اچڻ تي الله پاڪ ذميداري ڏيندو آهي ته انسانيت لاءِ ڇا ڪيو آهي، مون ان کانپوءِ اسپتال ٺاهي، پوءِ فلاحي رياست جي ضرورت لاءِ سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو،
وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون وزيراعظم بڻيس ته ڪوشش ڪئي ته پنهنجي نوجوانن کي ان رستي تي وٺي وڃان جنهن تي انهن جي ڪاميابي هجي، دين ۾ زبردستي نه آهي، اسلام ۾ ماءُ پيءَ جو وڏو احترام آهي، هو پنهنجي اولاد جي ڀلائي چاهن ٿا، مون زندگي ۾ جيڪي هدف مقرر ڪيا اهي حاصل ڪيا، قرآن پاڪ کي سمجهڻ شروع ڪيو ته سڌي رستي جو پتو پيو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مون اسلامو فوبيا کي پنهنجي سامهون وڌندي ڏٺو، ان جو آغاز سلمان رشدي جي ڪتاب ۾ ٿيو، ڪو به مسلمان ??لڪ يا اسڪالر ان جي تدارڪ لاءِ ڪا سوچ نه رکندو هو، اسان ??ر فورم تي ان جو موثر جواب ڏنو، نائين اليون کانپوءِ دهشتگردي کي اسلام سان جوڙيو ويو، اسلامو فوبيا جي خ??اف هر فورم تي آواز اٿارڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته 15 مارچ تي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خ??اف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهو اعزاز پاڪستان کي حاصل ٿيو آهي، هن چيو ته زندگي ۾ سدائين خود احتسابي اختيار ڪئي، جنهن مقصد لاءِ پاڪستان ??هيو هو ان کي حاصل ڪرڻ کانسواءِ قوم نٿا بڻجي سگهون، مديني جي رياست جي اصولن تي عمل ڪري ئي مسلمانن پوري دنيا جي امامت ڪئي. اتي قانون جي حڪمراني، فلاحي رياست ۽ خودداري هئي اهي ماڊل هر رياست اختيار ڪندي آهي پر بدقسمتي آهي مسلمان ??لڪن ۾ اهو اصول نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لا اله الا الله انسان کي آزاد ڪري ٿو، ان رستي تي هلي هو اقبال جو شاهين بڻجي سگهي ٿو، الله کانسواءِ ڪنهن جي سامهون جهڪڻ شرڪ آهي، اهو رستو انسان کي خ??ددار بڻائيندو آهي، هن چيو ته الله اسان کي ڪيترن ئي صلاحيتن سان ??وازيو آهي پر اسان زنجيرون ٻڌي انهن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، پئسي جي پوڄا انسان کي ٻڌي ڇڏي ٿي، هن چيو ته اسان ??بي ﷺ جي سيرت کان ??وجوانن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ رحمت اللعالمين اٿارٽي ٺاهي، اها اٿارٽي دنيا ۾ اسلام جي خ??اف اٿيندڙ آوازن جو مدلل جواب ڏيندي، ٻارن جي ذهني تربيت لاءِ اسلامي ڪارٽون ۽ مسلمان ??يروز تي ترڪي جي طرز تي ڊراما ٺاهيا ويندا.
هن چيو ته فحاشي ڪنهن به معاشري لاءِ تباهي آهي، انهي ڪري معاشري ۾ ٻارن سان زيادتي، عورتن جي عصمت دري جي واقعن ۾ اضافو ٿي ره??و آهي، موبائيل فون ۾ ٻارن کي اهڙي مواد تائين پهچ آهي جنهن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، ان جا معاشري تي مثبت سان گڏوگڏ منفي اثر به آهن، اسان ??نهنجي ٻارن کي ان کان روڪي نٿا سگهون پر اسلام جو طرز زندگي آسان ??فظن ۾ کين ٻڌائي سگهون ٿا. دين ۾ جبر نه آهي، ارطغرل جهڙن ڊرامن سان ??ارن جي تربيت ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته دين ۽ سيرت النبيﷺ کان آگاهي رکندڙ ٻار دنيا ۾ جتي به ويندو اهو ثابت قدم ره??دو. هن چيو ته مغربي معاشري جي طاقت ۽ ڪمزورين جو اسان کي مڪمل ڄاڻ نه آهي، اسان انهن جي براين کي اختيار ڪري ره??ا آهيون پر مغرب ۾ ماڻهو امربالمعروف سان گڏ بيهندا آهن، اتي عوام جو پئسو چوري ڪندڙ منهن ڏيکاري نٿو سگهي، برائي جي خ??اف اهي سڀ اٿي بيهندا آهن. اسان ??ٽ ڪرپٽ ماڻهو بار بار حڪومت ڪري اهو ڏوهه ڪيو ته چڱائي ۽ برائي ۾ فرق ختم ڪري ڇڏيو ان سان ??عاشرو تباهه ٿيو،
وزيراعظم چيو ته زندگي ۾ ڪو به شارٽ ڪٽ نه آهي، نبي ﷺ دنيا جو عظيم انسان آهي پر ان تي 13 سال مشڪلاتون ره??ون، مزاحمت سان انسان ??ضبوط ٿيندو آهي، پاڪستان ۾ هڪدم سان ??ديني جي رياست نٿي ٺهي سگهي، انسان ڪوشش ڪندو آهي، فلاحي رياست لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، عوام جي ذميداري آهي ته هو چڱائي سان گڏ بيهي، هن چيو ته قائداعظم سان گڏ شروعاتي ڏينهن ۾ تمام گهٽ ماڻهو هئا، حق ۽ سچ تي بيهندڙن سان ??اڻهو بيهندا آهن، پاڪستان 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي پر بدقسمتي سان اسان جا اڳواڻ چوندا آهن ته فقير پنهنجا فيصلا پاڻ نٿا ڪري سگهن، قومون قربانيون ڏئي بڻجنديون آهن، پاڪستان ۾ وڏا موقعا ۽ صلاحيت آهي، هي قوم به اٿي بيهندي، هتي وڏا عظيم ماڻهو آهن جنهن مان ??ڌيڪ ٻاهرين ملڪ خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، جنهن وقت قوم عظمت جي رستي تي بيهندي هي پنهنجا مسئلا به حل ڪندي، دنيا جي سامهون به بيهندي ۽ ترقي به ڪندي، هن چيو ته نبي ﷺ جي مديني جي دور ۾ 10 سالن ۾ صرف 1200 ماڻهو ماريا ويا ۽ هڪ لک کان ??ڌيڪ مسلمان ??يا، اهو ڪردار سازي هئي، هن چيو ته انهي لاءِ آئون قوم سان امر بالمعروف جي ڳالهه ڪريان ????، جيڪو ٻاهران حڪومت بدلائڻ جو فيصلو ٿيو قوم جيڪڏهن پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي پهرو نه ڏنو ته پوءِ ٻاهران اچي ڪو به ائين ڪري سگهندو.