اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم اس??حڪام جو واحد حل چونڊون آهن، اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين ته اٽارني جنرل عدالت ۾ ??يو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هو سڀئي ثبوتن ۽ دستاويز ججن جي سامهون رکيا ويندا جنهن جي بنياد تي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته پاڪستان ۾ حڪومت بدلائڻ جي عالمي سازش ٿي رهي هئي، هن ??يو ته جج جيڪو به فيصلو ڏيندا ان موجب اڳتي وڌنداسين. هن ??يو ته ملڪ ۾ سياسي بحران جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڊالر به پنهنجي حد ڪراس ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن عدم اعتماد طرف وڃون ٿا ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪندا، هن ??يو ته پاڪستان ۾ معاشي اس??حڪام لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ سياسي اس??حڪام هجي، سياسي اس??حڪام لاءِ ضروري آهي ته چونڊون طرف وڃون، سياسي عدم اس??حڪام جو واحد حل چونڊون آهن