اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چورن جي ٽولي جو وڏي واڪي مطالبو هو ته ٻاهرين سازش جي حوالي ??ان خط ??ار??يامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جڏهن خط ??ار??يامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني ته مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا، قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي کانپوءِ انهن ماڻهن لاءِ شرم جو مقام آهي جيڪي پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ٿيندڙ ٻاهرين سازش کي ڪوڙ چئي رهيا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ار??يامينٽ هائوس ۾ ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي سيريز آ?? ٽوئيٽ ۾ ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جو مير صادق ۽ مير جعفر وارو ڪردار قوم جي سامهون اچي ويو آهي، مخالف ڌر خط کي ??ار??يامينٽ ۾ آڻن واري مطالبي تي به قائم نه رهي ۽ ڪميٽي جي سامهون جڏهن معاملو پيش ڪيو ويو ته اهي ڀڄي ويا ۽ انهن جي اها سازش بي نقاب ٿي وئي، مملڪتي وزير چيو ته ان سرڪس مان صاف واضح ٿي ويو آهي ته اهي مليل آهن، هن چيو ته ٻاهرين سازش ??ان هارس ٽريڊنگ لاءِ 15 ارب روپيا اڇلايا ويا، هن چيو ته ا??ان به ائين ڪريون ها ته 172 کان به وڌيڪ ماڻهو ا??ان ??ان گڏ هجن ها. مملڪتي وزير ڪپتان ان ٻاهرين سازش جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃان تائين پنج اوور باقي آهن، تمام جلد اهم فيصلا ٿ??ڻا آهن، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، قوم جو اعتماد وزيراعظم عمران خان ??ان گڏ آهي.