اسلام ??با?? – 28 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 44 فوتگيون ٿيون جنهن مان 20 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾4 هزار 119 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 17 سيڪڙو، پشاور ۾ 17 سيڪڙو، لاهور 20 سيڪڙو ۽ اسلام ??با?? ۾ 34 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ ??با?? ۾ 27، ڪراچي ۾ 52 سيڪڙو، اسلام ??با?? ۾ 29 سيڪڙو ۽ گلگت ۾ 43 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 291 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 737، پنجاب ۾ 18 هزار 29، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 600، اسلام ??با?? ۾ 3 هزار 404، بلوچستان ۾ 1 هزار 878، گلگت بلتستان ۾ 782، آزاد ڪشمير ۾ 861 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 35 هزار 42 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪ??ويڊ 19 جا 294 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 56 هزار 952 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 15 هزار 827 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 23 هزار 370، بلوچستان ۾ 29 هزار 861، گلگت بلتستان ۾ 7 هزار 896، اسلام ??با?? ۾ 86 هزار 226، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 42 هزار 400، پنجاب ۾ 3 لک 54 هزار 312 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 71 هزار 762 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 133 ٿي چڪو آهي.