اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ڪراچي ۾ رچايل ڊرامي جو مقصد بدعنواني جو تحفظ ۽ اين آر او گهرڻ آهي. ڊرامي ذريعي مادر ڪوڙ کي مادر ملت بنائڻ چاهين ٿا. نواز شريف انقلاب?? آهي ته ملڪ واپس اچي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪري ۽ باقي زندگي جيل ۾ گذاري. عمران خان جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکاريندو آهي. جيستائين عمران خان جي زندگ?? آهي ڀلي وزيراعظم رهي يا نه رهي، هو ان کي ڪرپشن ڪرڻ نه ڏيندو. حڪومت لٽيل دولت جي واپسي ۽ بهتر حڪمراني طرف توجهه ڏئي ره?? آهي. پريس ڪا??فرنس ڪندي شهباز گل چيو ته بدقسمتي سان 40 سالن ۾ 2 ٽبر س??است ۾ آيا آهن. جن ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ بي ايس سي ڪئ?? آهي، پر ان باوجود هر ڀيري پڪڙجي پوندا آهن. اهي ماڻهو پهرين صفائي سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. ميڊيا ۾ من پسند دوستن ذريعي لانچ ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي ٽائيمنگ به اهڙي رکندا آهن جنهن سان انهن کي فائدو ٿئي.