اسلام آباد – 25 آگ??ٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اظهار راءِ جي آزادي تي پڪ?? يقين رکي ٿو، حڪومت طرفان ??يڊيا تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ يا مداخلت هرگز نه آهي، آزادي صحافت ۽ جمهوريت کي هڪٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم تصور ڪريون ٿا، ميڊيا بابت مسئلن جي حل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفاقي وزير سان ??لاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) شاهيره شاهد به ملاقات ۾ موجود هيون، وفد اطلاعات وا??ي وزير کي ميڊيا جي صنعت کي درپيش مسئلن کان تفصيلي آگ??هه ڪيو.