اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر وبائي مرضن ۾ اضافي کي روڪڻ ??ي حوالي سان عوامي بيداري مهم کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ ??ي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي شعور جي بيداري جي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو ترقي ۽ منصوبابندي وا??ي وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ?? اجلاس ۾ ڪيو ويو. فورم کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس جي وبا پکڙجڻ ۾ وا??ح طور تي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي پر عام طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ جي معاملي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي، عوامي جاين تي ماسڪ ۽ سماجي فاصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان وقت سر قدم کنيا وڃن. موذي بيماري پوري طرح سان ختم ناهي ٿي ۽ ان بيماري جي حوالي سان ٺوس ايس او پيز تي عمدلرآمد ڪري ئي ان کان بچي سگهجي ٿو. جون جي وچ ڌاري جڏهن ڪوورنا وا??رس جي مريضن جو انگ وڌي ويو ۽ اسپتالن تي بار وڌي ويو ته حڪومت اسپتالن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پوري ملڪ ۾ 2150 آڪسيجن بيڊز کي 31 جولاءِ تائين شامل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم شروع ڪيا. جڏهن ته اين سي او سي جي خصوصي ٽيمن جي سمورن صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي دورن جي نتيجي ۾ 2850 آڪسيجن بيڊز کي شامل ڪرڻ جي لاءِ عملي جامعو پارائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي.