اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي سربرين??شي?? ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن و??قعن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن و??قعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسناڪ قتلام ن?? ٿئي. سربرين??شي?? ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين و??سيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربرين??شي?? ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي برادري ان و??قعي کي ڪيئن رونما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ان و??قعي مان سبق سکون، عالمي برادري کي مستقبل ۾ اهڙن و??قعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.