اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا و??ا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلام آباد ۾ 189 آڪسيجن ??يڊ?? فراهم ڪيا پيا وڃن، هاٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان و??ا جو ڦهلاءُ روڪڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن ??يڊ?? جو اضافو ڪنداسين، 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. اسد عمر چيو ته پولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن ??يڊ?? ڏنا ويندا، هاٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان و??ا جو ڦهلاءُ روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته هاٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهنداسين ته ڪهڙن علائقن ۾ وبا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ جي 20 وڏن شهرن ۾ 92 هاٽ اسپا?? علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو آهي.