اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) ڪرونا وائرس تي ??ارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، روينيو واري وفاقي وزير حم??د اظهر، ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد، سينيٽر شبلي فراز، سينيٽر مشاهد الله، سينيٽر غفور حيدري، سينيٽر شيري رحمان ۽ قومي اسيمبلي مي??بر راجا پرويز اشرف شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي اين ڊي ايم اي جي سربراهه جنرل افضل ۽ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر طف?? مرزا بريفنگ ڏني.