اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومت جي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، اعليٰ عدالتن ۾ ايف بي آر سان لاڳاپيل التوا هيٺ پيل ڪيسن جي حوالي سا?? اڳڀرائي، روانگي واپار ڪندڙن جي ٽيڪس ??يفنڊز جي ادائيگين، ترڪمانستان افغانستان پاڪستان ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ اڳڀرائي، ??ان ٽيڪس ??وينيو وڌائڻ جي سلسلي ۾ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي جو باقاعدگي سان جائزو وٺڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.